SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بين الاقوامي تعلقات


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


بين الاقوامي تعلقات

International RelationsI.R:

انٽرنيشنل رليشنس

دنيا جا سڀ ملڪ مختلف حوالن سان ڌار ڌار خوبيون رکن ٿا.ڪو ملڪ وسيلن سان مالا مال آهي، ڪو جاگرافيائي طور اهم آهي، ڪو ٽيڪنالاجي، فوجي مهارت ۽ رٿابنديءَ ۾ ڀڙ آهي ته ڪو علمن ۽ ڄاڻ جي حوالي سان اتم آهي. انهن جدا جدا خوبين سبب اهي ملڪ هڪٻئي تي ڀاڙين ٿا، تنهنڪري هڪ ٻئي سان لاڳاپا رکڻ سڀني جي ضرورت آهي. اهڙي طرح جڏهن ٻن ۽ ٻن کان وڌيڪ ملڪن، ادارن،عالمي تنظيمن ۽ گهڻ- قومي ڪمپنين جي وچ ۾ سڌاسنوان يا ڪنهن ٻئي ملڪ /اداري جي مدد سان پاڻ ۾ تعلقات وڌن ۽ ويجهن ٿا، ته انهن کي بين الاقوامي قانون تحت هڪ جامع شڪل ڏني وڃي ٿي. ان سڄي تعلقاتي عمل جو International Relations يعني ’بين الاقوامي تعلقات‘ واري علم تحت مطالعو ڪيو وڃي ٿو. جديد دور ۾ هن علم جي دائري ۾ معاشيات،تواريخ،عمرانيات،فيلسوفي،قانون، جاگرافي، سماجي علم، انساني علم ، عورت-واد، نفسيات، ثقافت، عالمگيريت، رياستي علم، ماحوليات ، واپار ، فلاحي خدمتن ، تعليمي سرگرمين ۽ نيوڪليائي علم سميت اهي سڀ شعبا اچن ٿا، جن جو انساني زندگي ۽ ماحول سان واسطو آهي . بين الاقوامي تعلقات جو اصطلاح سڀ کان اڳ ’جيرمي بينٿم‘ ارڙهين صديءَ جي پوين سالن ۾ ’قومن جي قانون‘ جو تذڪرو ڪندي ڪتب آندو . ان جي ڪري اهو اصطلاح ابتدائي طور قومن جي وچ ۾ سرڪاري لاڳاپا وڌائڻ/نروار ڪرڻ جي حوالي سان استعمال ۾ آيو . بين الاقوامي تعلقات جي تعليم لاءِ 1919ع ۾”يونيورسٽي آف ويلز ايبرسٽ وِٿ“ ۾ جدا ”چيئر“ قائم ڪئي وئي. انهيءَ کان اڳ ان جو پوليٽيڪل سائنس جي علم سان گڏ مطالعو ڪيو ويندو هو. پهرين عالمي جنگ جي تباهيءَ کان پوءِ امن، معاشي ۽ معاشرتي خوشحاليءَ جي تمام گهڻي ضرورت محسوس ڪئي وئي. ان لاءِ هڪ اهڙو ادارو جوڙڻ ضرورت بڻجي پيو، جنهن کي دُنيا ۾ امن ۽ خوشحاليءَ کي وڌائڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ مخصوص ڪيو وڃي . انهيءَ ڪري بين الاقوامي تعلقات تي ڌيان ڏنو ويو. شروع ۾ هن علم کي صرف پرڏيهي پاليسيون ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو، پر پوءِ هن ان جي اهميت کي محسوس ڪندي، ان کي باقاعده ۽ خاص شعبي طور قائم ڪيو ويو. اها حيثيت ماڻڻ کان پوءِ I.R ڪيترائي نظريا ۽ علمي بحث سامهون آندا، جن ۾ ’ريئلزم‘، ’بهيورييلزم‘، ’نيئوريئلزم‘، ’ورلڊ سسٽم ٿيوري‘ ۽ ’پوسٽ ماڊرنزم‘ اهم آهن. بين الاقوامي لاڳاپن جي علم جي بُنيادڪاري آمريڪا ۽ يورپ مان شروعات ٿي، پر هن علم جو سڄي دُنيا ۾ ڦهلجڻ يقيني هو. دنيا ۾ جتي به لاڳاپن ۽ معاهدن جو تذڪرو ٿيو، اتي هن علم جو عمل دخل لازمي ٿي پيو، پوءِ اهو مارڪس جو نظريو (Marxism) ، ’ٿڌي ويڙهه‘ ۽ ٻي عالمي جنگ وغيره جو حوالو ڇو نه هجي . دُنيا ۾ هر هنڌ بين الاقوامي تعلقات جي اهميت کي تمام گهڻو محسوس ڪيو ويو. اڄوڪي تڪڙي تبديل ٿيندڙ دُنيا ۾ ته ان جي اهميت ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي ٿي . ان جي ذريعي اڄوڪي دور ۾ مختلف قومن طرفان بين الاقوامي سطح تي اختيار ڪيل پاليسين جي پٺيان موجود اهم محرڪ سمجهڻ ۽ انهن پاليسين جي ڪاميابين ۽ ناڪامين جا سبب ڄاڻڻ ۾ مدد ملي ٿي .ان کان علاوهه دنيا کي درپيش مسئلا سمجهڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ ۾ پڻ اڳڀرائي ٿئي ٿي . محدود قومپرستي جو خاتمو ، قومي مفادن مٿان بين الاقوامي سهڪار ۽ امن کي اوليت ، ڪنهن اڪيلي رياست جي طرفان عالمي سرشتي مٿان قبضي واري لاڙي جي حوصلي شڪني ، گڏيل سلامتيءَ لاءِ جاکوڙ ، هٿيار سازيءَ کي ٻنجي ڏيڻ ۽ فوجي ڪاررواين بدران ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي ڏس ۾ مدد ملي ٿي


بين الاقوامي تعلقات سان لاڳاپيل لفظ


.


بين الاقوامي تعلقات بابت وڌيڪ اصطلاح

  • آجپي ڀريا بين الاقوامي تعلقات

  • .


    بين الاقوامي تعلقات لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    گاويڙي

    ث . درياءَ جي وچ سير ۾ پاڻيءَ جو گولُچَڪَرُ، ڪُنُ، ڀَنوَر .

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal